اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي والد ۽ خاندان جي ويجهي ساٿي ??شرف نوابي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. هن چيو ته توڻي جو اشرف نوابي ڪيترائي ڏهاڪا اڳ پاڪستان ??ڏي ويو هو پر هن ان ??الهه کي يقيني بڻايو ته سندس ناتو ڌرتي سان قائم رهي. هن پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي وچ ۾ اهم پل جو ڪردار ادا ڪيو ۽ سدائين ٻن ملڪن ۽ قومن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.