اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ تر??يه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر ??اڪٽر عارف علوي سان تر?? سامونڊي فوج جي ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ پاڪ بحريه جو سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ پاڪستان ۾ تر??يه جو سفير پڻ شريڪ هئا. ان موقعي تي پاڪستان ۽ تر??يه جو گڏيل فائدي جي ل??ءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. صدر ??اڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مذهب، تاريخي رشتن تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ تر??يه مختلف معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. صدر سامونڊي ۽ دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو. صدر پاڪ بحريه جي ل??ءِ چار ملجم ڪارويٽس مان پهرين جي ل??نچنگ تقريب ۾ شرڪت جي ل??ءِ آگسٽ 2021ع ۾ تر??يه جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي مشقن ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن جي سامونڊي فوجن جي باقاعده شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ٻطرفو ويجهو سامونڊي تعاون پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جو مظهر آهي. صدر ??اڪٽر عارف علوي ڀارت ۾ اقليتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي ??يڪيورٽي فورسز جي ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڀارت ۾ اقليتن تي ??لم جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. صدر ??مون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڪستان جي اصولي موقف تي تر??يه جي حمايت کي پڻ ساراهيو. ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي تر?? نيول ڪمانڊر ارجمند تاتيل اوگلو چيو ته مستقبل ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ وڌندو. هن چيو ته هي دورو پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ٻطرفا دفاعي ل??ڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ ڪارائتو ثابت ٿيندو. ان کان اڳ صدر ??اڪٽر عارف علوي تر?? سامونڊي فوج جي ڪمانڊر کي پاڪستان ۽ تر??يه جي وچ ۾ ميري ٽائيم ۽ سامونڊي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان پڻ نوازيو.