اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما فنانس ف??ڊ جيڪو فلم اينڊ براڊ ڪاسٽنگ پاليسي 2018ع تحت قائم ٿيو، جنهن جو ??قصد پاڪستاني سئنيما جي بحالي ۽ فلم سازن جي لاءِ موزون اثر پيدا ڪرڻ آهي جيڪي هاڻي مختلف مالياتي ذريعن، گرانٽس ۽ قرضن تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هُن فلم اينڊ ڊراما فنانس ف??ڊ جي فنڊ مئنيجمينٽ ??ميٽي جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز ۾ ٿيو. واضح رهي ته رولز جي اعلان کانپوءِ فلم اينڊ ڊراما فنانس ف??ڊ جو ??يام 5 آگسٽ 2023ع تي ٿيو. ڄاڻايل فنڊ قائم ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي طور تي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ جي مد ۾ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته اطلاعات واري وزارت ان فنڊ جي انتظام جي لاءِ هڪ فنڊ مئنيجمينٽ ??ميٽي جو ??ڻ اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ فلمي صنعت جا ميمبر پڻ شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي 13 هين شيڊيول ۾ فنڊ کي شامل ڪرڻ جي لاءِ وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. ان فنڊ ۾ حصو وجهندڙن کي اهڙي طرح ٽيڪس رعايت ڏني ويندي جهڙي طرح ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي (سي ايس آر) جي دائري ۾ ايندڙ ڪمپنين کي ڏني وڃي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي ڊائريڪٽر جنرل ثمينه فرزين انفارميشن واري سيڪريٽري جا ٿورا مڃيندي اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي فلم اينڊ ڊراما فنانس ف??ڊ ۽ فنڊ مئنيجمينٽ ??ميٽي جي معاملن بابت آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، ايف پي سي سي آئي مان فنڊ مئنيجمينٽ ??ميٽي جي عهدي جي لحاظ سان ميمبرن سميت فلمي برادري سان تعلق رکندڙ ميمبرن بشمول پي ايف پي اي چيئرمين، ذوالفقار احمد مانا، نديم مانڊوي والا، شهزاد رفيق، سيد نور، ستيش آنند، اعجاز گل، بلال لاشاري، واسع چوڌري، ڪامران جاويد، سرمد کوسٽ، بدر اڪرام ۽ عرفان ملڪ سميت ٻين شرڪت ڪئي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 16:58