اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ متحده عرب امارات ٻه طرفي لاڳاپن کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي، خ??يس ڏينهن متحده عرب امارات (يو اي اي) جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النهيان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان جاري پڌرنامي موجب يو اي اي جي ولي عهد پ??ڪستان جي هڪ ڏينهن تي دوري جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ولي عهد سان گڏ ڪابينا ميمبرن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد به هو.