اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي پاليسين سان خطي ۾ امن کي شديد خطرا لاڳو آهن، تباهي آڻيندڙ پاليسين جي ڪري ??ارتي عوام جي شناخت به خطري ۾ پئي وئي آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ جمهوريت جي ڀارتي دعوائن جي پت وائکي ڪري ??ڏي آهي، ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ۽ تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ وڏو چئلينج آهي، حڪومت هڪجهڙي تعليمي نصاب لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، حڪومت پاليسي سبب معيشت ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس ان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ورجينيا يون??ور??ٽي جي شاگردن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو.