مسقط – 14 جنوري (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، عمان سدائين خطي ۾ استحڪام جو سبب بڻيو آهي، عمان جي نئين قيادت سان اسان جا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ۽ مستحڪم ٿيندا. مسقط انٽرنيشنل ايئ??پو??ٽ تي وطن واپسي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ??ئون وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي سلطان قا??وس جي تعزيت جي لاءِ عمان آيو آهيان.