اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) ڪورونا وا??رس جي صورتحال تي قائم ڪيل خصوصي پارلياماني ڪميٽي پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي چيو آهي ته هو سگهه، حوصلي ۽ صبر کان ڪم وٺن، حڪومت کين واپس وطن آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ڪورونا جي وبا الله جي طرفان امتحان آهي اهو حڪومت سان تعاون ڪن، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جو چوڻ هو ته ڪورونا وا??رس جي صورتحال ۾ عالمي سطح تي ٺاهيل ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي پارليامنيٽ ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ??ري رهي آهي، مذهبي معاملن وا??ي وفاقي وزير نور الحق قادري جو چوڻ هو ته چئني صوبن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي عالم سڳورن سان ضلعي سطح تي مشاورت سان رمضان المبارڪ ۽ مسجدن جي حوالي سان جيڪا به پاليسي ٺهندي اها پوري ملڪ لاءِ هوندي، مولانا فضل الرحمان، سراج الحق، ساجد نقوي سميت ٻين مسلڪن جا عالم سڳورا ۽ قيادت سان گڏجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيندا.