اسلام آباد – 05 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته ڪابينا کي ??ڌايو ويو ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ جي حوالي سان سمورن صوبن سان مشاورت کانپوءِ اڄ اربع ڏينهن فيصلو ڪيو ويندو، پبلڪ ٽرانسپورٽ سان گڏ باقي شعبن کي ??رحليوار کوليو ويندو، ڪابينا ان ڳالهه کي ??رجايو ته ڀارت پاران والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي جارحاڻي ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ حڪومت پاران ڀارت سان سمورين شين جي درآمد تي پابندي لڳل آهي جڏهن ته زندگي بچائيندڙ دوائن کي ان پابندي کان ڇوٽ قرار ڏنو ويو آهي، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ هينڊ سينيٽائيزر ۽ چانورن جي برآمد، وزيراعظم پاڪستان ڪورونا رليف فنڊ جي حوالي سان پاڪستان حڪ??مت?? اخوت پاڪستان ۽ اخوت يو ايس اي جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت، اقليتن بابت قومي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ جي باضابطا منظوري ڏني آهي، موجوده صورتحال ۾ مخالف ڌر کي ??م آهنگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، مون ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي جيڪا نيگيٽو آئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو.