اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن ۽ نائجيريا جي صدر محمد بوبا??ي ٽيليفون تي ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ نائجيريا ک?? هڪ جهڙيون حالتون درپ??ش آهن. وزيراعظم نائجيريا جي حڪومت ۽ عوام سان پاڪستان پاران يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ان جي موثر ق??من کي ساراهيو.