اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمو??ين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوا??ين کان پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ڪريون هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا ??ي وبا اسان کان گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪستان ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پ??لي??ي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامي??ٽ جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.