اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي جهاز حادثي جي شهيدن، ڪورونا جي صورتحال ۾ رو??ي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورونا جي ??ري??ن، ڀارتي ظلم برداشت ڪ??دڙ ڪشميرين، ڀارت ۾ اسلامو فوبيا کان متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهگيرن جي نالي وقف ڪريان ٿو، سمورن پاڪستانين کي اپيل آهي ته اهي سماجي فاصلي تي عمل ڪن. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته منهنجي سمورن پاڪستانين بلڪه سمورن انسانن کي درخواست آهي ته اهي سماجي فاصلن تي عمل ڪن، ماسڪ پائين، پنهنجا هٿ ڌوئين ته جيئن اهي پاڻ ۽ پنهن??ي پيارن ۽ دوستن کي ڪورونا کان محفوظ رکن.