اسلام آباد – 29 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده انصاف جي نظام ۾ موجود جهول کي ختم ڪرڻ ۽ عوام جي آسان، سستي ۽ فوري انصاف تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي منشور جو بنيادي نقطو آهي، قانون واري وزير، پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ۽ اٽارني جنرل تي مشتمل جوڙيل ڪميٽي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي ??ڌا??ڻ جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيندي جنهن جي روشني ۾ ايندڙ هف??ي وڌيڪ فيصلا ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام کي انصاف جي آسان ۽ فوري فراهمي جي لاءِ ڪيل قانوني سڌارن جي حوالي سان جائزه اج??اس جي صدارت ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ، اٽارني جنرل خالد جاويد خان، قانون واري پارلياماني سيڪريٽري ملائيڪا علي بخاري ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.