اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين ??کي ٿي ته ڪورونا ??ائرس ڄاڻي واڻ?? ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سا??يٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽو??يٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿ??ندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين ??کندڙ ماڻهو آهن ته ڪورونا ??ائرس ڄاڻي واڻ?? ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين ??کن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم آهي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ويو آهي.