اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي تناسب سا?? احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سنڌ ??و حصو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ان حڪومتي قدم سان سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي صوبي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندا?? احساس امداد حاصل ڪري سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم سنڌ صوبي جي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي مرڪز جو دورو ڪيو، انتظامن جو جائزو ورتو ۽ امدا??ي رقم جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي