اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏه??ڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. گذريل هڪ سال کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين دٻاءُ ۽ فوجي گهيراءُ درپيش آهي، 5 آگسٽ 2019ع تي هندستان پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 کي ملتوي ڪري ڇڏيو جنهن ڀارتي غيرقانوني والاريل ڪشمير کي ڏنل خصوصي حيثيت کي ڪالعدم قرار ڏنو جتي ڪشميري گڏيل قومن جي منظور ٿيل قراردادن موجب پنهنجي خود??خت??اري جي حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏه??ڙي جي موقعي تي عوام ڀرپور انداز سان شرڪت ڪئي ۽ ڪشمير سان پنهنجي والهاڻي محبت جو اظهار ڪيو، پوري ملڪ ۾ صبح 10 وڳي هر قسم جي ٽريف?? جي چرپر پڻ رڪجي وئي. ??خت??ف سياسي ۽ مذهبي پارٽين پاران ريلين ۽ جلسن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ مقررين ۽ شرڪت ڪندڙن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته ڪشميرين کي خود??خت??اري جو حق ڏيڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام کي انهن جي مرضي موجب جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.