اسلام آباد – 18 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته ڪورونا وبا جي ڪيسن ۾ اضافي جي ڏس ۾ احتياطي ضابطه ڪار تي سخت?? سان عمل ڪري، ان وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي جڏهن ته ان تي مڪمل ضابطو آڻڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل لازمي آهي، حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ ماڻهن کي بيروزگاري کان بچائي موثر طريق?? سان وبا جو مقابلو ڪيو. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو.