اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپ??ال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل س??طان به گڏ هو، وزيراعظم اسپ??ال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل س??طان اسپ??ال جي نئين ايمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصوصي صلاحڪار وزيراعظم کي ??ڌا??و ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، خصوصي صلاحڪار ??ڌا??و ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپ??ال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طريقيڪار سان ايمرجنسي مريض ۽ اسپ??ال ۾ پهرين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.