اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائ??ي ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ ها??وس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته انڪوائري رپور?? اطلاعات وا??ي ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات وا??ي ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائ??ي ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏهن انڪوائ??ي ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.