پشاور – 03 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته سينيٽ جا اسلام آباد نتيجا وزيراعظم عمران ??ان ??ي خدشن ۽ گذريل ڏينهن جي وڊيو جي عڪاسي ڪن ٿا، خيبرپختونخواه?? اسيمبلي پي ٽي آءِ جي سمورن اميدوارن کي ڪامياب ڪرائي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي وزيراعظم عمران ??ان ??ي نظريي سان گڏ بيٺل آهن، پاڪستان پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوارن سان ??و??و ڪيو آهي، هاڻي انهن جي وچ ۾ مفادن جي جنگ شروع ٿي چڪي آهي. هو پشاور ۾ سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ??حريڪ انصاف جي صوبائي اڳواڻن سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته آئون ۽ منهنجا 9 سينيٽرز خيبرپختونخواهه مان ڪامياب ٿيا آهيون، اسان ??وبي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪنداسين. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ت?? اسلام آباد مان ??ينيٽ چونڊن ۾ کٽيندڙ شخص جو ڪهڙو ڪردار آهي پوري قوم ان ??ابت ڄاڻي ٿي، پي ڊي ايم جي صورت ۾ سياهه قوتن پورو زور لڳائيندي ڦرلٽ جي خزاني جا منهن کولي ڇڏيا. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ ضميرن جا سوداگر بري طرح ناڪام ٿيا آهن، هتي انهن جو نه پئسو هليو نه ڪو ٻيو حربو ڪامياب ٿي سگهيو. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته عدم اعتماد جون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اهي ڪهڙي منهن سان ??هڙي قسم جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ت?? اسلام آباد جي جنرل سيٽ تي اليڪشن جي نتيجن، ضايع ٿيندڙ ووٽن ۽ منظرعام تي ايندڙ وڊيو بابت مشاورت جاري آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گذريل ڏينهن پاڪستان ??حريڪ انصاف يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو کي بطور ثبوت اليڪشن ڪميشن ۾ کڻي وئي هئي، اڄ جا نتيجا ان وڊيو جي عڪاسي ۽ تائيد ڪري رهيا آهن، اسان مشاورت سان هڪ ٺوس حڪمت عملي ذريعي اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان ??ا ووٽن جي خريد ۽ وڪري بابت خدشا صحيح ثابت ٿيا آهن. وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جتي اسان ??ا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن اتي اسان ??ي اميدوارن کي ٻين پارٽين جي ايم پي ايز جا ووٽ به مليا آهن.