نانجنگ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ثقافتي وابستگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن جي وچ ۾ گڏيل پروڊڪشنز ۽ دستاويزي فلمن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا ??عا??ن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، گڏيل پروڊڪشنز ميمبر ملڪن جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي م??ن فائدو کڻي سگهندا. شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ٽي وي فيسٽيول جي شرڪت ڪندڙ کي خطاب ڪندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين هن سال سي پيڪ جي ڏهين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ستن ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي جو اهو شاندار سفر انفرادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي لاءِ مضبوط ڀائرن جو درجو رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ثقافتي رابطا صديون پ??اڻ?? آهن. هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي فريم ورڪ سان اهي رابطا وڌيڪ مستحڪم ٿيا آهن. نگران وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي م??اشي ??عا??ن جي شڪل اختيار ڪيل آهن. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان 2023ع کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال قرار ڏنو آهي جنهن جو مقصد ??وامي سطح تي وفدن جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ متحرڪ سياحت ۽ ثقافتي م??حولياتي نظام جوڙڻ آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) خطي جي ميمبر ملڪن جي لاءِ سماجي، اقتصادي، مواصلات، ميڊيا ۽ ثقافتي شعبن ۾ ٺوس ۽ پائيدار ??عا??ن جي فروغ جي لاءِ ڪارائتو پليٽ فارم آهي، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ ٻين آڊيو ويزيوئل مصنوعات جي شعبن ۾ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبرن جي وچ ۾ ??عا??ن تنظيم جي ڪاميابي جو مظهر آهي. هن چيو ته شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميڊيا ??عا??ن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي. مرڪزي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ۾ ??عا??ن عوامي سطح تي رابطن جي فروغ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي ميمبر ملڪن جي ميڊيا تنظيمن کي پاڪستان سان گڏيل پروڊڪشن ۽ ٻين منصوبن ۾ حصيداري جي دعوت ڏيندي چيو ته ايس سي او ميمبر ملڪ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ جديد ٽيڪنالاجي م??ن فائدو کڻي سگهن ٿا، گڏيل پروڊڪشنز اسان جي ملڪ جي ثقافت ۽ سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.