ڪراچي – 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي بابر اياز جي لاڏاڻي تي مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جي ل??ءِ سندس گهر ويو، سنڌ جو ??طلاعات و??رو نگران وزير محمد احمد شاهه به ساڻس گڏ هو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرحوم بابر اياز جي ايصال ثواب ل??ءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ بابر اياز جي صحافتي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته بابر اياز هڪ مخلص، امن پسند ۽ ج??هوريت پسند انسان هو. بابر اياز جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.