اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عورتن خلاف ڪنهن به قسم جي تشدد جي ڪا گنج??ئش ناهي ۽ اهو انسانيت جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هڪ مهذب ۽ بهتر معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورتن کي برابر حق ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ اڻٽر آهي. اسپيڪ?? عورتن جي سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ملڪ جي اڌ کان وڌيڪ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، کين بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قو??ي ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. سردار اياز صادق سمورن اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڀريو ته هو عورتن جي حقن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو ۽ پارليامينٽ عورتن جي تحفظ ۽ کين بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪيترائي قانون منظور ڪيا آهن. پارليامينٽ ۾ قائم وومين پارلياماني ڪاڪس عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسپيڪ?? عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڀريو جتي عورتون عزت، تحفظ ۽ برابري سان زندگي گذاري سگهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي ۽ کين س??اجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.