پشاور – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي صحت ۽ صفائي جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪرونا جو پکڙجڻ افسوسناڪ صورتحال آهي، هيستائين 51 ملڪ ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ به ان جي پکڙجڻ جو خدشو آهي پر اسان کي خوفزده هجڻ بدران حفاظتي تدبيرن اختيار ڪرڻ گهرجن، هٿ ڌوئڻ وقت صابڻ جو استعمال يقيني بڻايون. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن گيسٽرال??جي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.