اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم آمريڪي حڪومت ۽ عوام طرفان يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ آمريڪي سفير چ??و ته انهن 75 سالن ۾ ٻن??ي ملڪن پائيدار شراڪتداري ۽ پنهنجي ماڻهن وچ ۾ مضبوط رشتا ٺاهيا آهن. هن چ??و ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته ڪهڙي ??رح ان رشتي واپاري لاڳاپن کي مضبوط ڪيو آهي. هن چ??و ته ٻن??ي ملڪن جي ماڻهن جي معاشي ت??قي لاءِ آمريڪا بدستور پاڪستان جي سڀ کان وڏي برآمدي منزل آهي ۽ گذريل مالي سال ۾ آمريڪا جي پاڪستان ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.