اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فنڪار ۽ گلوڪار پاڪستان جو حقيقي چهرو آهن، گلگت ??لتستان جو خطو تاريخي لحاظ کان اهميت رکندڙ خطو آهي جيڪو سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ پڻ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيو آهي، گلگت ??لتستان جي بهادر ۽ ارڏي عوام سدائين پاڪستان جي دفاع ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪيو آهي، جن نه رڳو ڊوگر کي ڀڄايو هو پر ان علائقي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو، جشن ساز ۽ سامان ۾ هن خطي جي هڪ منفرد روحاني ڪردار علامه نص??رالدين نص??ر هنزالي کان روشناس ٿيڻ جو پڻ شرڪت ڪندڙن کي موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قراقرم جي صوفي موسيقي جا رنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.