اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ زميني حقيقتن تي ٻڌل پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائين??ي هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر روزاني جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪري رهيو آهي، ايندڙ مهيني ڪورونا وائرس جي مريضن جي تعداد ۾ متوقع اضافي جي پيش نظر حڪومت طرفان ممڪنه تياري جي حوالي سان اهن چيو ته دنيا ۾ صحت جو ڪو به نظام ان قسم جي وڏي بحران جو مقابلو نٿو ڪري ??گه?? تنهن هوندي به حڪومت صورتحال کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪندي.