اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ??شم??ر جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي يادگ??ر ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خصوصي يادگ??ر ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ??شم??ر ۾ جاري ڀارت جي انسانيت دشمن سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر جي مسلمانن تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وفاقي وزي?? مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ يادگ??ر ٽڪلي ??شم??رين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان يادگ??ر ٽڪلي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ??شم??ر جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها يادگ??ر ٽڪلي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ??شم??ري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ??شم??ر جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح چيو ته هو ??شم??ر جو سفير ۽ وڪيل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ٿيل ??شم??ر ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.