اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پيرس ۾ پاڪستان جي ناظم الامور محمد امجد عزيز قاضي پاڪستاني برادري تي زور ڏنو آهي ته اها ??يد??لاضحيٰ ملهائيندي والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري. پنهنجي هڪ ب??ان ۾ ناظم الامور ان ڳالهه کي ورجايو ته گذريل سال 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ کانپوءِ ڪشميري عوام جي بنيادي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. هن ??يو ته پاڪستانجي حڪومت ۽ عوام ڪ??ميري عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي.