اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته سمورن تعميراتي منصوبن جي ??ڄاڻي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائي وڃي، تعميرات جي شعبي ۾ سمورن مرحلن جي آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ نظام کي آسان بڻائڻ تي ڀرپور ڌيان ڏنو وڃي، ايف بي آر پاران ڪاروباري برادري جي ??اءِ آسانيون فراهم ڪرڻ خوش آئنده آه??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي ??فتيوار اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب، عقيل ڪريم ڍيڍي، محسن شيخاڻي ۽ حسن بخشي پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايف بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن، بلوچستان صوبي ۾ تعميرات جي شعبي ۾ نئين منصوبي، وفاقي گادي واري شهر بليو ايريا ۾ پلاٽن جي ??يلامي ۽ ٻين اهم معاملن تي بريفنگ ڏني وئ??. ا??ف بي آر پاران تعميرات جي شعبي ۾ ڏني ويندڙ سهولتڪاري ۽ نئين قدمن بابت بريفنگ ڏيندي ايف بي آر چيئرمين وزيراعظم کي ٻڌايو ته ايف بي آر ٽيڪس گذارن جي سهولتڪاري لاءِ تعميراتي منصوبن، ڊويلپرز ۽ بلڊرز جي ??اءِ آن لائن رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان تعميرات جي شعبي ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي آسان ٿيند??. ا??هن قدمن جي ??يڊيا ۽ ٻين ذريعن سان تشهير ڪئي پئي وڃي.