اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي وا??ي خاص مددگار ملڪ امين اسلم چيو آهي ??ه سندس وزارت صوب?? کي درخواست ڪئي آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي تحت ٻوٽن جون نرسريون ٺاهڻ ۾ عورتن جو حصو 10 سيڪڙو کان وڌايو وڃي. اي پي پي سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ بلين ٽري منصوبي تحت عورت?? کي باعزت روزگار جا موقعا ??را??م ڪرڻ جو تجربو ڪامياب رهيو آهي، هن چيو ته ان طرح ٻهراڙي جي علائقن جون عورتون پنهنجي گهرن جي ويجهو ٻوٽن جو نرسريون قائم ڪرڻ جي قابل ٿيون آهن.