اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان آسٽريليا جي فورٽسڪيو ميٽلز گروپ لميٽيڊ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاط?? آر بخاري به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عم??ان خان اينڊريو فورسٽ جي آجيان ڪئي ۽ کيس ڪورونا وبا جي تناظر ۾ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن سمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي ڪورونا جي وبا کي روڪڻ جي حڪومتي حڪمت عملي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙ غريب ماڻهن کي امداد جي فراهمي جي باري ۾ به ٻڌ??يو. ان موقعي تي اينڊريوفورسٽ حڪومت پاڪستان طرفان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل پاليسي کي ساراهيو.