اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سي?? علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽا??يم ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مون کي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪر?? خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو ??هم ڪردار هوندو آهي. ميري ٽا??يم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽا??يم ۽ ڪامرس جي وچ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويندو. نئين شپنگ پاليسي انويسٽرز جي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پاليسي جي لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي جلد ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.