اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڌرتي تي رهندڙ هر انسان کي ماحول دوستي جو فرض ادا ڪرڻو پوندو، ??قت جي پڪار آهي ته انسانيت عالمي اتحاد بڻائي ماحول جو تحفظ ڪري، وڌندڙ عالمي گرمي پد، ٻيلن جي گهٽتائي، گليشيئرز جو پگهرجڻ وڏا خطرا آهن، عمران خان ??هريون ماحول دوست وزيراعظم آهي ۽ عالمگير تحريڪ هلائي رهيو آهي، وزيراعظم جي ماحول کي بهتر بڻائڻ، وڻ لڳائڻ جي ڪوششن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. ماحوليات جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان ??وجوانن ۽ دنيا کي احساس ڏياري رهيو آهي ته ماحول بهتر بڻائڻ ڪيترو ضروي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو وڻڪاري ۽ ماحول دوستي کي پاليسي سطح تي ايتري ڌيان ۽ محنت سان ??روغ ڏنو پيو وڃي، اهو سلسلو جاري رهيو ته پاڪستان ۾ ماحولياتي شعبي ۾ نمايان ??تيجا نظر ايندا، هن چيو ته هن سال ماحوليات جي عالمي ڏي??هن جي ميزباني جو شرف پاڪستان کي ملڻ دراصل پاڪستان جي ماحول دوست قدمن جو عالمي سطح تي اعتراف آهي.