اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ۽ آئي ووٽنگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جو انقلابي قدم آهي، ملڪ ۾ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي، هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن کي شفاف بڻائڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي، اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي ا??تراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هنن اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ا??لاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ا??لاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ منصفاڻي چونڊون منعقد ڪرائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ان مقصد جي لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آئي ووٽنگ تحريڪ انصاف جي حڪومت جو چونڊ عمل ۾ هڪ انقلابي قدم آهي، اي وي ايم جي ا??تعمال سان اليڪشن جي شفافيت کي ممڪن بڻائي سگهبو. هن چيو ته 1970ع کان اڄ تائين ڪا اليڪشن اهڙي نه آهي جنهن ۾ ڌانڌلي جا الزام نه لڳا هجن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن بابت عوامي راءِ کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا ذريعي مهم شرو ڪندي. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ اسان چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ جو حل قوم آڏو رکي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڪامسيٽس ۽ ٻين ادارن جي اڻٿڪ محنت جي نتيجي ۾ اڄ اسان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ انقلابي قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان کان 5 ڀيرا وڌيڪ آبادي واري پاڙيسري ملڪ پنهنجي چونڊن کي اي وي ايم ذريعي قابل قبول بڻايو آهي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته اسان وٽ جيئن ئي اليڪشن ٿئي ٿي ان تي ا??تراض کڄن ٿا ۽ آخري دم تائين هارائيندڙ پنهنجي شڪست تسليم نه ٿو ڪري. هن چيو ته هن وقت اسان هڪ اهڙي مرحلي ۾ بيٺل آهيون جتي ٻن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيڻي آهي، ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پي ٽي آءِ جي حڪومت اهم قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ان کان اڳ اي وي ايم جي حوالي سان سڌوسنئون ٽيڪنالاجي جي ا??تعمال جي ا??ازت ته هئي پر اليڪشن ڪميشن کي ا??تيار نه ڏنو ويو هو. اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ بابت ڪابينا ڪميٽي جي ا??لاس ۾ ڪابينا جي فيصلي تحت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ آئي ووٽنگ کي حتمي شڪل ڏيڻ بابت غور ڪ??و ويو ۽ فيصلو ڪيوويو ته نادرا ڪميٽي کي آئي ووٽنگ بابت بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ڪنسلٽنٽ جي رپورٽ جي روشني ۾ کنيل قدمن سان گڏوگڏ نادرا جي سسٽمز جي اپ گريڊيشن تي ڪميٽي کي اگاهه ڪ??و ويندو. ان کانسواءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اي وي ا??م کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ هن ئي هفتي ڪميٽي جو خاص اجلاس گهرائيندي ته جيئن ڪابينا جي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن بڻائي سگهجي. اي وي ا??م کي مختلف باڊيز جي اليڪشن ۾ آزمائش طور استعمال ۾ آڻڻ جي تجويز تي پڻ غور ڪ??و ويو جڏهن ته حتمي فيصلو ڪميٽي جي ا??لاس ۾ ڪ??و ويندو. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ سڌارن خاص طور تي اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت هدايت ??ئي آهي ته اي وي ايم بابت عوامي راءِ جي لاءِ متحرڪ مهم شروع ??ئي وڃي. ڪابينا وڌيڪ هدايت ??ئي ته حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ مقامي طور تي تيار ??ئي ويندڙ اي وي ايم جي ماڊل کي پڻ شامل ڪ??و وڃي. وفاقي ڪابينا 18 مئي 2021ع تي منعقد ٿيندڙ پنهنجي ا??لاس ۾ اي وي ايم متعارف ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي هئي. ان کانسواءِ ڪابينا 9 مارچ 2021ع تي پنهنجي ا??لاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار کي هدايت ??ئي هئي ته چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ صاف، شفاف ۽ منصفاڻي چونڊن جي لاءِ چونڊ سڌارن بابت ٿيندڙ اڳڀرائي بابت ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وڃي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڄاڻايل نقطن تي وفاقي ڪابينا جي هر اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. ان کانسواءِ 31 مئي 2021ع تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران فيصلو ڪ??و ويو هو ته مقامي طور تي تيار ??ئي ويندڙ اي وي ايم جو ماڊل مظاهري جي لاءِ 17 جولاءِ 2021ع تائين ڪسميٽس، اين آئي اي ۽ نسٽ جي ذريعي تيار ڪ??و ويندو.