اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غربت ۾ گهٽتائي، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ ماحولياتي تحفظ کي پنهنجو وڏو ويزن قرار ڏيندي چيو آهي ته نظام ڪرپٽ هجي ته ڪجهه ماڻهو امير جڏهن ته ملڪ غريب ٿي ويندو آهي، قانون جي بالادستي سان ئي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تبديلي ايندي، 9 آگسٽ تي ڪامياب پاڪستان ??روگرام جاري ڪيو پيو وڃي، پروگرام تحت خاندان جي هڪ شخص کي فني تربيت ۽ بنا وياج جي قرض فراهم ڪيو ويندو، ماضي ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪون قرض نه ڏينديون هيون، هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آ??ي، ٽيڪس اوڳاڙين جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارا آڻي رهيا آهيون، روانگي واپار وڌائڻ لاءِ برآمدي شعبي کي خصوصي مراعتون ڏينداسين، ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ لاءِ وڌ کان ??ڌ وڻ لڳائڻا پوندا، سمورن شهرن جا ماسٽر پلان ??اهي رهيا آهيون، قبضا گروپن کان سرڪاري زمينون آجيون ڪرايون وينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئون پاڪستان ??ائوسنگ اٿارٽ?? ۽ ??يوان صنعت ۽ واپار راولپنڊي جي سهڪار سان ??نعقد ٽن ڏينهن واري انٽيريئر ڪنسٽرڪشن، اليڪٽريڪل ۽ اليڪٽرانڪس (آءِ سي اي اي) جي نمائش جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سندس ويزن آهي ته ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو وڃي، اسان جي 40 سيڪڙو آبادي مان 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان ??يٺ زندگي گذاري رهي آ??ي، جڏهن ته 20 کان 25 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير جي لڳ لڳ آهي، وزيراعظم چيو ته سندس ٻيو ويزن ملڪي دولت کي وڌائڻ آهي، ايشيا جي ٻين ملڪن لاءِ 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ??ڪ ماڊل هو، 60ع جي ڏهاڪي جي معاشي ترقي جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ملائيشيا ۽ ڏکڻ ڪوريا پاڪستان جي معاشي پلان ۽ حڪمت عملي کي اختيار ڪري ترقي ڪئي آ??ي، اسان کي پاڪستان کي ان ??قام تي وٺي وڃڻو آهي جنهن جي ان ??ٽ صلاحيت آهي، جيڪڏهن صلاحيت نه هجي ها ته ملڪ ان ??قت ترقي نه ڪري رهيو هجي ها، اسان جا ادارا ان ??قت بهترين نه هجن ها ۽ پي آءِ اي بهترين فضائي ڪمپني نه هجي ها ۽ اسان جا بينڪرز بي سي سي آءِ کي وڏي بئنڪ بڻائي ڇڏيو، اسان کي پاڪستان کي ان جي اصل مقام طرف وٺي وڃڻو آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ??ڪ خود دار ملڪ بڻجي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافو تريجحن ۾ شامل آهي، ملڪ کي ترقي جي راهه تي ٻيهر گامزن ڪرڻ چاهيون ٿا، ملڪ ۾ هڪ ننڍو طبقو امير ترين جڏهن ته ملڪ غريب ترين ٿيندو ويو. نظام ڪرپٽ هجي ته ڪجهه ماڻهو امير جڏهن ته ملڪ غريب ٿي ويندو آهي، امير طبقو نه ته ٽيڪس ڏيندو آهي، موڪلون ٻاهرين ملڪ گذاريندو آه?? ۽ ??ن جي خريداري به ٻاهرئين ملڪ ٿيندي آ??ي جڏهن ته عام ماڻهو مشڪل سان ??نهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪندو آهي، جن ملڪن جا حڪمران اشرافيه بدعنوان ??جن ته اتي اهڙيون ئي حالتون هونديون آهن، سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪجهڙي ڪهاڻي آ??ي ان کي تبديل ڪرڻ منهنجو ويزن آه?? ۽ ??ن لاءِ قانون جي بالادست?? ۽ ??نصاف سان ئي تبديلي ايندي. وزيراعظم چيو ته احساس پروگرام غريب طبقي کي سهولت فراهم ڪرڻ جو پروگرام آهي، هيٺئين طبقي کي مٿي آڻڻ جي لاءِ احساس پروگرام جاري ڪيو، ڪامياب پاڪستان ??روگرام ملڪ ۾ شروع ڪيو پيو وڃي، دنيا ڏسندي ته ڪيئن هڪ قوم پنهنجي ڪمزور طبقي کي مٿي آڻي ٿي ان ??سم جو اڳ ۾ ڪو منصوبو پاڪستان ۾ شروع نه ڪيو ويو. 9 آگسٽ تي ڀرپور طريقي سان ان ??روگرام کي جاري ڪيو ويندو، ڪامياب پروگرام تحت هر خاندان جي هڪ شخص کي فني تربيت ڏني ويندي، ڪامياب پاڪستان ??روگرام تحت بنا وياج جي قرض فراهم ڪيا ويندا، آءِ ٽي جي شعبي ۾ تيزي سان ??اڻهن کي سکيا ڏئي سگهجي ٿ?? ۽ ??هي پنهنجي آ??دني وڌائي سگهن ٿا، هر خاندان کي هڪ هيلٿ ڪارڊ ڏنو ويندو جنهن سان خاندان جا ماڻهو 10 لک روپين تائين جو مفت علاج ڪرائي سگهندا. بنا وياج جي قرض سان ??نهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته ڳڀي، لٽ?? ۽ ??جهي جي ڳالهه ته ڪئي وئي پر ان ??اءِ عملي قدم ڪڏهن نه کنيا ويا، هاڻي گهر ٺاهڻ لاءِ قرض ڏنا ويندا. ماضي ۾ گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪون قرض نه ڏينديون هيون، هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آ??ي، موجوده حڪومت ملڪ ۾ هائوس فنانسنگ شروع ڪئي آ??ي ڇو ته ماڻهن وٽ رقم ناهي هوندي ته اهي پنهنجا گهر ٺاهي سگهن، اسان جي شهرن جون ڪچيون آباديون پکڙجنديون پيون وڃن، ڪراچي 40 سيڪڙو ڪچي آبادي بڻجي چڪو آهي، اسان ??ور ڪلوزر لاء جو معاملو حل ڪرايو آهي، جيستائين بئنڪون قسظ نه ڏيندڙن جي خلاف ڪارروائي نه ڪري سگهنديون ته اهي ڪيئن قرض ڏينديون انهي جي ڪري پاڪستان ۾ گهرن لاءِ قرض ڏيڻ جو تصور نه هو. پاڪستان ۾ هيستائين 0.2 سيڪڙو قرض گهرن لاءِ ڏنا ويندا هئا، ڀارت ۾ اها شرح 10 سيڪڙو، ملائيشيا ۾ 30 سيڪڙو ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ 80 سيڪڙو کان ??ڌيڪ آهي، ان ??انون جي منظوري ۾ اسان کي ٻه سال لڳا آهن، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ان طبقي کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو موقعو ملندو جنهن وٽ رقم نه آهي، هاڻي اهي بئنڪ کان ??رض وٺي پنهنجو گهر ٺاهي سگهندا. ان سلسلي ۾ وياج جي شرح ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي وئي آ??ي ۽ 5 ۽ 3 سيڪڙو جي رعايتي شرح سان اهي قرض ڏنا ويندا ۽ وڌيڪ رقم حڪومت پاڻ برداشت ڪندي. اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪو خاندان ??سواڙ ڏئي ٿو اهو مسواڙ جي قسط ادا ڪري پنهنجو گهر ٺاهي، هائوسنگ جي شعبي ۾ تمام وڏو انقلاب اچي رهيو آهي، شهرن ۾ سڀ کان ??ڌيڪ روزگار تعميرات جي شعبي سان ??اڳيل آهي. تعميراتي شعبي جي فروغ سان ??عاشي سرگرميون وڌنديون. ملڪي دولت ۾ اضافو ٿيندو، جڏهن تعميراتي شعبو ترقي ڪري ٿو ته ان سان ??اڳيل ٻيون صنعتون به ترقي ڪن ٿيون. اسان جي ڪوشش آهي ته ماڻهن کي روزگار ملي، ملڪي دولت ۾ اضافو ٿئي، جڏهن معيشت ترقي ڪندي ته ٽيڪس به وڌيڪ گڏ ٿيندو، ايف بي آر ۾ به سڌارا آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون ۽ ان جي نظام کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته تعميراتي شعبي جي حوالي سان جڏهن اجلاس ٿيا ته اسان کي خبر پئي ته جيڪو سسٽم ڪجهه وقت جي سهولت لاءِ ٺهي ٿو اهو ئي جيڪڏهن صحيح ڪم نه ڪري ته رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو. ان شيءَ جو اڳ ۾ احساس نه ڪيو ويو هو، اسان ??ر هفتي اجلاس گهرائي انهن رڪاوٽن جو خاتمو ڪيو آهي اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جو تعميراتي شعبو تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ آبادي جي هڪ تمام وڏي مارڪيٽ آهي ان جي باوجود اسان جو آمدني واپار وڌيڪ آهي، روانگي واپار جي فروغ جڏهن ته آمدني واپار ۾ گهٽتائي سان ??عاشي حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون. روانگي واپار وڌائڻ لاءِ برآمدي شعبي کي خاص مراعتون ڏينداسين، جيستائين ملڪ خساري ۾ رهندو اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون. ملڪي آ??دني وڌائڻ لا??ِ روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي آڻڻي پوندي، جيڪو ملڪ هٿيار ٺاهي سگهي ٿو اهو ننڍيون ننڍيون شيون ڇو نٿو ٺاهي سگهي، جيڪڏهن اسان سهولتون ڏيون ته سڀ ڪجهه ٺاهي سگهون ٿا. روانگي واپار ڪندڙن سان ??لاقات ٿي آ??ي اسان روانگي واپار ۾ اضافي لاءِ برآمدي شعبي کي مراعتون ڏينداسين. روانگي واپار جي فروغ ۽ معاشي ترقي لاءِ چين جو مثال پوئيوراي ڪرڻ جي لائق آهي، چين برآمدي شعبي کي سهولتون ڏنيون ۽ ايڪسپورٽ پراسيسنگ زونز ٺاهيا جن ۾ ٻاهرئين ملڪن مان ڪمپنيون آيون ۽ انهن ٽيڪنالاجي منتقل ڪئي پاڪستان به اهڙي طرح اڳتي وڌي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان بچائڻ ۽ ماحولياتي تحفظ سندس ٽيون وڏو ويزن آهي جيڪڏهن ملڪ کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان بچائڻو آهي ته وڌ کان ??ڌ وڻ لڳائڻا پوندا، موجوده حڪومت جو 10 بلين ٽري منصوبو انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آ??ي. ماضي ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ قدم نه کنيا ويا، ماضي ۾ راولپنڊي آ??ودگي کان ??اڪ شهر هو، 1914ع ۾ راولپنڊي ۾ 4 فوٽ برف پئي هئي پر جڏهن راولپنڊي ڪنڪريٽ جو شهر بڻجي ويو ته ان سان شهر جي آبهوا به تبديل ٿي وئي، ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڻڪاري مهم جاري آ??ي، شهرن ۾ وڻ پوکڻ سان آلودگي ۾ گهٽتائي ايندي، لاهور کي باغن جو شهر چيو ويندو هو، پر لاهور ۾ هاڻي آ??ودگي خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آ???? ۽ ??رسبز علائقا ختم ٿي ويا آهن، شهر پکڙجندو پيو وڃي، اسلام آباد گذريل 10 سالن ۾ تمام گهڻو پکڙجي ويو آهي. هر شهر جو ماسٽر پلان ??اهيو پيو وڃي، گرين ايرياز ۾ ڪا تعميرات نه ٿي سگهندي. شهرن جي اندر به گرين ايرياز جو تحفظ ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته فوڊ سيڪيورٽي جو به مسئلو درپيش آهي، ملڪ ۾ تيزي سان ??ڌندڙ آبادي جي ڪري رڪارڊ پيداوار جي باوجود 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئي آ??ي، لاهور شهر جا مسئلا گهٽ ڪرڻ لا??ِ راوي سٽي منصوبو ٺاهيو ويو آهي، 70 هزار وڻن جو ٻ??لو پوکيو پيو وڃي جنهن سان ??اهور سرسبز شهر بڻجندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته شهرن ۾ سرڪاري زمينن تي طاقتور ماڻهن قبضا ڪري رکيا آهن، انهن جا قبضا ختم ڪرائينداسين ته جئين ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهترين پاڪستان ڇڏي وڃون، وزيراعظم چيو ته ڪنوينشن سينٽر کي ايڪسپو سينٽر ٺاهن جي تجويز تي غور ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ خوشخبري ٻڌائيندس.