اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ??يو آهي ته خوشحالي انصاف ۽ عدل جي نظام سان ئي ممڪن آهي، اهو ئي معاشرو ترقي ڪندو آهي جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، امير ۽ طاقتور طبقو قانون جي پڪڙ کان آزاد رهيو ۽ ڪمزور طبقن جو قانون جي غلط استعمال ذريعي استحصال ڪيو ويندو رهيو، وڪيل تنظيمن جي جمهرويت جي فروغ ۽ استحڪام جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد ۾ احمد شهزاد فاروق رانا، محمد اجمل خان، محمد ارشد باجوه چوڌري، قاضي عبدالحميد صديقي، شيرين عمران، محمد افصل جنجوعه، عارف محمود چوڌري، محمد ناصر اقبال صديقي، سيد محمد اسد عباس شاهه، عبدالمالڪ بلوچ، عبدالرزاق شر، فدا بهادر، ڄام آصف محمود لار، منير احمد خان، احمد زيرڪ، راجا عامر خان ۽ راجا اشفاق احمد شامل هئا. ان موقعي تي ملاقات ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد احمد، ڊاڪٽر فروغ نسيم، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان موجود هئا. وزير??عظ?? عمران خان ??يو ته ماضي ۾ مفاد پرست عنصرن قانون جو غلط استعمال ڪيو، موجوده حڪومت سول ۽ فوجداري قانونن ۾ سڌارا آڻي رهي آهي ته جيئن عام ماڻهو کي ريليف ملي سگهي. وزير??عظ?? چيو ته قانوني سڌارن سان عدالتن تي ڪيسن جو بار گهٽ ٿي ويندو. وڪيل تنظيمون قانوني سڌارن جي ايجنڊا ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن چيو ته وڪيل برادري کي درپيش مسئلن کان آگاهه آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي. وزير??عظ?? ان موقعي تي وڪيل هائوسنگ ڪالوني ۾ درپيش رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي ۽ وڪيلن ک?? صحت ڪارڊ جي فراهمي سان ??ڏوگڏ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي جڏهن ته اها به هدايت ڏني ته نوجوان وڪيلن کي ڪامياب پاڪستان پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. وزير??عظ?? قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته بار سان مسلسل رابطي کي يقيني بڻايو وڃي، ان سان ??ڏوگڏ بار جي گرانٽس بابت ايشوز کي پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي.