اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ جهانگير ??در جي لاڏاڻي تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ميان رضا رباني پيپلزپارٽي جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل جي گه??ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته جمهوريت لاءِ جهانگير ??در جون خدمتون نه وسرڻ جوڳيون آهن. جهانگير ??در جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان هڪ بهترين سياستدان کان محروم ٿي ويو.