اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي ??ان??نن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ايران جي پر??يهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي زور ڏيندي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪ??و. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي ??ان??نن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.