ڪوالالمپور – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني پاڪستان ۾ وڏو مسئلو رهيو آهي، بااثر ماڻهن، هڪ هٺي گروپ ۽ سياسي مافيائون پاڻ کي قانون کان ??ٿانهون سمجهن ٿيون ۽ مرضي سان ??يمتون وڌائي ڇڏين ٿا ۽ غريب جو استحصال ڪن ٿا، پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ اسان کي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي، مهاتير محمد اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، ملائيشيا جو معاشرو تحمل ۽ برداشت سان ??الامال آهي، ڪوالالمپ??ر سربراهه اجلاس جو مقصد سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جو گڏيل مقابلو ڪرڻ هو، مسلمان دنيا جي قيادت اولهه کي اسلام جو حقيقي چهرو ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهي آهي، انتهاپسند پروپئگنڊه جي ذريعي نوجوانن کي گمراهه ڪيو پيو و??ي، دهشتگردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانس اسلامڪ اسٽڊيز ۾ اهم خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان بابت قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن منهنجو ويزن آهي.