اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مستقبل ۾ ضروري شين جي کوٽ بابت وقت سر خبردار ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ اضافي کي روڪڻ لاءِ مناسب طريقيڪار جوڙيو پيو وڃي، ضروري شين جي قيمتن ۾ تازي اضافي کان بچي سگهجي ٿو، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو، جنهن جي ڪري حڪومت کي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، جي اعليٰ سطح جي جاچ رپورٽ جو انتظار آهي، ذميدارن جو تعين ڪيو و??ند?? ۽ پتو لڳايو و??ند?? ته ائين ڇو ٿيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ مي??يا جي نمائندن سان ڳالهائ??ند?? ڪيو.