اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آه?? ته مخالف ڌر پاران ش??ر ڪميشن رپورٽ رد ڪرڻ سان ان کي سنند ملي وئي آه??، اسان جي پارٽي مان جنهن به فائدو کنيو سڄو اڇو چٺو عوام آڏو رکي ??ڏي??، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪارروائي تيز ٿيندي، گذريل 5 سالن ۾ 29 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مخالف ڌر کي شايد ش??ر ڪميشن جي رپورٽ انگريزي ۾ هجڻ جي ڪري سمجهه ۾ نه آئي، گذريل 5 سالن ۾ کنڊ تي 29 ارب رپين کان وڌيڪ سبسڊي ڏني وئي، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ 26 ارب 60 ڪروڙ رپين جي سبسڊي ڏني وئي.