اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻو آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهندي??ن ??هيون پر رپورٽ سامهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خاص معا??ن ??هزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪ??ي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪ??ي ملڪ پٺتي ويندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان کنڊ جي معاملي ??ي پاڻ ڪميشن ٺاهي.