اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه ??يو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن سان معاشي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، پراجيڪٽس پاڪستاني عوام کي ترقي جا موقعا فراهم ڪندا، چين جي 6 ڪمپنين سان پاڪستان جا وڌيڪ معاهدا طئي ٿيا آهن، ايڇ ??يم سي ۾ نئين سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، معاهدي سان صنعتن کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪ?? ٽيڪسلا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.