اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع ۽ گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ترميمي بل 2020ع جي ??نظوري تي ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ڀارت جا ارادا مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيا، ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستان کي هاڻي گري لسٽ ۾ رکڻ جو ڪو به جواز نه آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ بلن جي ??نظوري کانپوءِ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته بلن جي ??نظوري تي هن ايوان جا ٿورا مڃيا ٿو. ثابت ٿي ويو ته ايوان سنجيده آهي ۽ ان جي ??يمبرن ۾ فهم ۽ فراست آهي ۽ اهي پارٽي حدن کان مٿ??نهون ٿي ملڪي مفادن کي اوليت ڏين ٿا، جي ??و آءِ (ف) کانسواءِ سڀني مخالف ڌر پارٽين به بل جي حمايت ڪئي آهي، دشمن پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ وجهڻ ۽ مالي مشڪلاتن کان بچڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، آئون مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي ۽ جماعت اسلامي سميت سمورين پارٽين جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته ڀارت جي ارادان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو آهي، اسان جا گڏيل سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان قومي معاملن تي هڪ موقف رکون ٿا، جنهن خوش اسلوبي سان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي ??يمبرن ڪميٽي ۾ بل جي حمايت جي ??ون کي خاطري ڪرائي آهي ان سان فائدو پاڪستان کي ٿيندو، حڪومتون اينديون وينديون آهن پر رياستي مفاد سڀ کان مٿ??نهون آهن، ڪاش جي ??و آءِ (ف) به پنهنجي ??يصلي تي نظرثاني ڪري ها، جي ??و آءِ (ف) مخالفت ڪري سٺو تاثر نه ڏنو، ملڪ جي ??اءِ دل وڏي ڪن. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي آرڊيننس جي ??قطن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، هو قيد ۾ آهي، ملڪ ڇڏي ناهي ويو، نه هو رات وچ ۾ فرار ٿي سگهندو، هن کي ڪا رعايت نه ڏني ويندي، ڀارت اهو ڪيس ان??اف جي عالمي عدالت ۾ کڻي ويو، هن جو خيال هو ته ان کي آزاد ڪري ڀارت منتقل ڪيو ويندو، ڀارت کي شڪست ٿي، قونصلر پهچ جنيوا ڪنوينشن تحت ڏني آهي، اپيل جو حق ڏنو آهي، ڀارت جي ڪوشش هئي ته ان کي ٻيهر ان??اف جي عالمي عدالت وڃڻ جو بهانو ملي وڃي، ان لاءِ اسان ڪلڀوشن کي ٻيهر قونصلر پهچ ڏني، ڀارت جا اعتراض ختم ڪيا، اسان ڀارتي ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا آهن، اڍائي ڪلاڪن تائين ڀارتي سفارت??ار?? ڪلڀوشن سان ملاقات ڪئي، ڀارتي سفارت??ار?? جي ڪوشش هئي ته ڪهڙي طرح هو ان ملاقات کان ڀڄن ته جيئن بهانو ٺاهي سگهن.