اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام قائم رکڻ تي قوم جو ٿورو اد?? ڪندي چيو آهي ته فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن س??ن سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يوم عاشور جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام برقرار رکڻ تي پوري قوم جو ٿورو اد?? ڪريان ٿو بدقسمتي سان ان دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون شر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون آهن، جنهن ان موقعي تي فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته شرپسندن جي ا?? گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏيندي.