لاهور – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس لاهور ۾ ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو ??زير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو صلاحڪار بئريس??ر شهزاد اڪبر، خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، صوبائي وزير فياض الحس?? چوهاڻ، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جو چيئرمين راشد عزيز ۽ سينئر سرڪاري آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي چيئرمين اجلاس کي منصوبي جي ٽائم لا??نز، منصوبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي گهري ??لچ??پي، انفرااسٽرڪچر جي حوالي سان ريگوليشن ۽ تنظيمي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني.