اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ ۽ ڀنڊار ٻيٽ جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حو??لي سان جائزي اجلاس ٿيو، وزيراعظم ميڊيا آفيس مو??ب سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل نيا پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين، ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سنڌ ۽ پنجاب جا چيف سيڪريٽريز، آءِ يو ڊي اي جو چيئرمين پاڪستان آئس لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ ٻين سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي.