اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پارا?? جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 659 مريض?? جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 7 مريض اسپتالن ۾ ان و??ئرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 33 هزار 901 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 687، ??نج??ب ۾ 11 هزار 678، خيبرپختونخوا ۾ 5 هزار 330، اسلام آباد ۾ 4 هزار 985 ، بلوچستان هڪ هزار 29 ، گلگت بلتستان ۾ 518، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ?? ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 835 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ?? ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 74 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 421 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 877 آهي.