ڪوئيٽا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت پاڪستان ۾ انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، ملڪ دشمن عنصر فرقيواريت کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مچ سانحو هڪ وڏي گيم جو حصو آهي، ان تي ??ورو ملڪ ڏک ۾ آهي، پوري قوم هزاره برادري سان گڏ بيٺل آهي، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ج?? پوري ڪوشش ڪئي آهي، ملڪ جي اندر به فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪند??سي??، هزاره برادري سان ڪيل واعدا پورا ڪند??سي??، مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيند??سي??. هن اهرن خيالن جو اظهار مچ سانحي جي شهيدن ج?? پونئيرن ۽ هزاره برادري جي ماڻهن سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.