اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گلگت بلتستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترقي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، گلگت بلتستان اسيمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گلگت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته گلگت بلتستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي حسن جو مالڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ تازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گلگت بلتستان ۾ فور جي سهولت ۽ ا??ٽر??يٽ جي فراهمي لاءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن چيو ته آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي ??نف??اا??ٽرڪچر جلد تعمير ڪيو ويندو.